پير هدايت الله ٺُلاهي

پير هدايت الله ٺُلاهي: پير حاجي هدايت الله ولد محمد ياسين شاهه راشدي، ڳوٺ پير وڏل شاهه، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ 1846ع ڌاري ڄائو. هن بزرگ پنهنجي والد کان بيعت ورتي هئي. روضي ڌڻي رحه جي قادري طريقي جو صوفي، جماعت جو مالڪ ۽ وچئين درجي جو عالم هو. کيس ڪتابن جمع ڪرڻ جو وڏو شوق هو. فقہ حنفيءَ جي پابنديءَ سان گڏ اهل حديث ڏانهن لاڙو رکندو هو. پنهنجي والد جي ملفوظات کي، قديم سـنـڌي زبـان ۾، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ جمع ڪيائين ۽ ”رسالو ارشاد الطالبين“ مصنف پير محمد ياسين جو، تحت الفظ ترجمو ڪري ڇپايائين، جنهن ۾ قادري طر يقي ۽ سلوڪ جا خيال شامل آهن. حاجي هدايت الله شاهه راشدي ٺُلاهي، لاڙڪاڻي ۾ اربع جي ڏينهن 18 ربيع الثاني 1325هه/1907ع ۾ وفات ڪئي. پير صاحب فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ بروهڪي زبان جو شاعر به هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو